سنڌي ائسوسيئيشن شانتي نگر

سنڌي ائسوسيئيشن شانتي نگر: سنڌي ائسوسيئيشن شانتي نگر هندستان جي شهر بئنگلور ۾ رهائش پذير سنڌين جي هڪ تنظيم آهي. ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏيندڙ سنڌين هندستان جي مختلف هنڌن تي رهائش اختيار ڪئي. بئنگلور ۾ پڻ 30,000 کان مٿي سنڌي پهتا، جن کي شهر ۾ ترسايو ويو، جن انهيءَ وسندي جو نالو ’شانتي نگر‘ رکيو. هن تنظيم جو بنياد چوٽيهه سال اڳ رکيو ويو هو. شروع ۾ هن تنظيم جا ڪل ميمبر 350 هئا، جيڪي هن وقت هزارن ۾ آهن.
تنظيم جي بنيادي مقصدن ۾ رهائش پذير سنڌين وچ ۾ ڀائيچاري ۽ خدمت جو جذبو پيدا ڪري، هڪ ٻئي جي وچ ۾ سهڪار کي وڌائڻ هو. جيئن هڪ ٻئي جي خوشين توڙي غمين ۾ شريڪ ٿي سگهجي. سنڌي ايسوسيئيشن شانتي نگر، سنڌي فيڊريشن آف سائوٿ انڊيا ۾ ميمبر اداري طور شامل آهي. هن جا ٽي اهم اڳواڻ ايم.ايم ڀاٽيا، بهاري لعل ايڇ مينڊا، لعلچند ناگپال، سنڌي سائوٿ انڊيا پاران ملندڙ سنڌيت جو وڏو اوارڊ ’سنڌو رتن اوارڊ‘ کڻي چڪا آهن.
سنڌي ائسوسيئيشن هر ٻن سالن لاءِ مختلف رٿائون تيار ڪندي آهي. خاص طور ائسوسيئيشن جي نگهداشت ۾ نفسياتي مريضن لاءِ اسپتال، ٽي. بيءَ جي مريضن لاءِ مفت علاج جون ڪئمپون، اولڊ ايج هومز، وغيره قائم آهن. هر سال ڏياريءَ جي موقعي تي ضرورتمند خاندانن ۾ هنڌ بسترا توڙي نقد رقمون ائسوسيئيشن پاران ڏنيون وڃن ٿيون.
مذهبي ڏڻ ۽ ثقافتي ميلا به ائسوسيئيشن پاران منعقد ٿيندا رهن ٿا. خاص طور ’جهولي لال‘ جي ’لال لوئي‘ ۽ ’هولي‘، هر سال 13 جنوريءَ جي ڏينهن ملهائبيون آهن. انهن موقعن تي 1500 کان مٿي ماڻهن جي شرڪت ٿئي ٿي، جن جي رهڻ، کاڌي پيتي جو انتظام ڪيو وڃي ٿو.
ائسوسيئيشن جي ميمبرن لاءِ هر سال پڪنڪ جو پروگرام ترتيب ڏنو ويندو آهي، جنهن ۾ سڀئي ميمبر پنهنجي گهر ڀاتين سميت شريڪ ٿين ٿا ۽ هڪٻئي سان گڏجي وقت گذارين ٿا.
ائسوسيئيشن جو انتظام هلائڻ لاءِ ارڙهن ميمبرن تي مشتمل مئنيجنگ ڪميٽي چونڊي وڃي ٿي. هر سال جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ائسوسيئيشن جا صدر، سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، فنانس سيڪريٽري ۽ ڏهه ميمبر مئنيجنگ ڪميٽيءَ لاءِ چونڊيا وڃن ٿا.
ائسوسيئيشن جي هر اڳوڻي صدر کي مئنيجنگ ڪميٽيءَ جي ميمبرشپ ڏني وڃي ٿي. مئنيجنگ ڪميٽي، ائسوسيئيشن جو اعلى ادارو آهي، جنهن ۾ هر معاملي کي اڪلايو وڃي ٿو. مئنيجنگ ڪميٽيءَ پاران مختلف ڪمن جي سرانجاميءَ لاءِ ننڍيون ڪميٽيون تشڪيل ڏنيون وڃن ٿيون، جن جا چيئرمين لازمي طور مئنيجنگ ڪميٽيءَ جي ميمبرن مان ئي مقرر ڪيا وڃن ٿا.
موجوده وقت ۾ ائسوسيئيشن جا هيٺيان عهديدار ۽ مئنيجنگ ڪميٽي جا ميمبر مقرر آهن:
نارائڻ ناگپال (صدر)، اشوڪ ڪمار نارنگ (وائيس چيئرمين)، ڪشن ڪشور ڀاٽيجا (سيڪريٽري)، موتيلال آهوجا (جوائنٽ سيڪريٽري)، موهن لال رهيجا (فنانس سيڪريٽري).
مئنيجنگ ڪميٽي جا ميمبر: امر لعل جئسنگهه، آسانند رهيجا، بهاري لال مينڊا، چندر ارجنداس، ڪمار ڊي بجاج، پتامبر لال نارنگ، پرڪاش، رميش اسراڻي، راجن ڀاٽيجا، رامچند آسودومل، رميش اسراڻي، سريچند ايم ڇاٻڙيا، مدن دولترام، ساڌو رام، رنڇوڙ گوالاڻي.
ائسوسيئيشن جا هن وقت تائين 21 صدر ۽ 14 سيڪريٽري رهي چڪا آهن. سنڌي ائسوسيئيشن، شانتي نگر جي 1993ع ۾ سلور جوبلي ملهائي وئي، جنهن ۾ هندستان جي ڪيترن ئي شهرن مان سنڌيت جو فڪر اجاگر ڪندڙ سماجي اڳواڻن، اديبن ۽ عالمن کي گهرايو ويو. سنڌي ائسوسيئيشن سماجي ڪمن توڙي سنڌيت جي فڪر جي تشهير لاءِ نهايت سرگرم رهي ٿي.


لفظ سنڌي ائسوسيئيشن شانتي نگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو